رابيل رسورس سينٽر مٺي

رابيل رسورس سينٽر مٺي: رابيل رسورس سينٽر، شهر مٺي، ضلعي ٿرپارڪر ۾، نوجوان اديب ۽ سماج سڌارڪ دليپ ڪوٺاريءَ، ٻارن ۽ نوجوانن جي ذهني تربيت لاءِ 2002ع ۾ ذاتي بنيادن تي قائم ڪيو. لفظ ’رابيل‘ (RAABEL) انگريزي الفابيٽ موجب هيٺين مقصدن جو مخفف آهي:
R= Research For Innovation
A= Action For Active Participation
A= Acknowledgment For Encouragement
B= Books For Inlightment
E= Entertainment For Enjoyment
L= Lectures For Mutual Learning
انهن مقصدن کي آڏو رکي هن اداري پاران نوجوانن جي سکيا لاءِ ڪيترا پروگرام ڪرايا ويا آهن. 2003ع ۾CWS - P/A اداري جي سهڪار سان ٿر جي 50 مختلف اسڪولن جي ڇهين کان مئٽرڪ جي شاگردن کي ٻارن جي حقن، انساني حقن، سماجي ۽ سياسي سجاڳيءَ جي بنيادي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ، ٻن سالن تائين مختلف ڪئمپون (Summer Camps) لڳائي، مٿين موضوعن تي ماهر سهوليتڪارن کان کين سکيا ڏياري وئي.
مطالعي جي اهميت جي مدنظر نوجوانن کي وڏي تعداد ۾ ڪتاب مهيا ڪيا ويا ته جيئن منجهن ڪتابن جي اڀياس لاءِ لاڙو وڌي. ان لاءِ ٻاراڻي ادب جي اشاعتي ادارن کان اعزازي ڪتاب گهرائي ٻارن ۾ ماحوليات ۽ سائنسي ڄاڻ پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ٻارن ۾ روشن خيالي، رواداري ۽ سهپ جا گڻ پيدا ڪرڻ لاءِ تصوف، انسانيت ۽ رواداريءَ بابت مختلف اديبن جا ليڪچر ڪرايا ويا آهن. سماجي سڌارڪن کي مڃتا شيلڊون ڏنيون ويون آهن. ان ريت هي ادارو وقت به وقت سرگرميون ڪندو رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو